اترادي ٻولي-ڪتاب

اترادي ٻولي-ڪتاب

اترادي ٻولي

اترادي ٻولي (ڪتاب ): سنڌ جي اتر واري علائقي جي حدن ۾ مروج خاص لهجي جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ اڀياس تي مشتمل ’اترادي ٻولي‘ ڪتاب جو پهريون ڇاپو، مارچ 1995ع ۾ سنڌي ٻوليءَ اٿارٽي شايع ڪيو. هيءُ ڪتاب لسانيات جي موضوع تي ڊاڪٽر هدايت پريم جو تصنيف ڪيل آهي، جنهن ۾ هن سنڌي ٻوليءَ جي اترادي لهجي جو تعارف ڪرايو آهي. هن صاحب اترادي لهجي جي صوتيات، صرفيات، نحويات ۽ انهيءَ لهجي تي ٻين پاڙيسري ٻولين بلوچيءَ ۽ براهويءَ وغيره جا اثر ڏيکاريا آهن ۽ پڻ اترادي لهجي جا پهاڪا، چوڻيون ۽ اصطلاح بيان ڪيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو